ڪراچي ۾ نشي جي بحالي جي اڪثر مرڪزن ۾ مريضن بغير ڪنهن تشخيص جي داخلسندھ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ڪارروائي، مختلف مرڪزن کي سيل ڪري وارننگ جاري

ڪراچي (21 اپريل 2026)

سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪراچي ۾ غيرقانوني طور تي قائم منشيات جي علاج ۽ بحالي مرڪزن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪميشن اهڙن سڀني بحالي مرڪزن کي 15 ڏينهن جو نوٽيس ڏنو هو ته هو پنهنجا مرڪز ڪميشن وٽ رجسٽر ڪرائين. مقرر مدت مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪميشن جي عملدارن ڊسٽرڪٽ سائوٿ ۽ ملير ۾ قائم چار مرڪزن کي سيل ڪري وارننگ جاري ڪري ڇڏي آھي.

ان کان اڳ انهن مرڪزن کي عوامي نوٽيسن ذريعي هدايت ڪئي وئي هئي ته هو 15 ڏينهن اندر پنهنجي رجسٽريشن مڪمل ڪن ۽ ڪميشن پاران مقرر ڪيل معيارن تي عملدرآمد ڪرڻ جو ثبوت فراھم ڪن جنھن ۾ ڪيترائي مرڪز رجسٽريشن ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيا.

ڪميشن عملدارن جن مرڪزن جو دورو ڪيو انهن ۾ سائيڪاٽرسٽ ڪلينڪ، بابر سائيڪاٽرسٽ اسپتال، قائدآباد سائيڪاٽرسٽ اسپتال ۽ پرورش ريهيبليٽيشن سينٽر شامل هئا، جتي مستند سائيڪاٽرسٽ ۽ ٻين تربيت يافته عملي (ڊاڪٽرن، نرسن ۽ معاون عملي) جي کوٽ هئي. جڏهن ته انفيڪشن جي روڪٿام ۽ ڪنٽرول جا انتظام به ناڪافي هئا. مريضن کي نامناسب حالتن ۾ اڻ تربيت يافته عملي جي نگراني هيٺ رکيو پئي ويو. وڌيڪ اهو به ڏٺو ويو ته مريضن کي هيپاٽائيٽس بي/سي، ٽي بي ۽ HIV/AIDS  جهڙين بيمارين جي مناسب اسڪريننگ ڪرڻ کانسواءِ داخل ڪيو پئي ويو.

سنڌ هيلتھ ڪيئر ڪميشن جي سي اي او ڊاڪٽر احسن قوي صديقي چيو آھي ته انهن مرڪزن کي واضح هدايتون ڏنيون ويون هيون ته مقرر وقت اندر پنھنجي رجسٽريشن مڪمل ڪرائين. هن چيو ته اسان کي معياري طبي سهولتن جي فراهمي ۾ سنگين ڪوتاهين بابت ڪيتريون ئي شڪايتن مليون ھنيون، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.”هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه سينٽرز پاران مثبت جواب ڏنو ويو پر ڪافي ادارن نوٽيس تي عمل نه ڪيو.

ڪميشن موجب چار مرڪزن کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ کين آخري وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي رجسٽريشن جو عمل مڪمل ڪن. ڊاڪٽراحسن صديقي انن ڳالھھ تي زور ڏنو ته ڪميشن جي ضابطن مطابق ڪو به بحالي مرڪز مستند سائيڪاٽرسٽ جي نگراني کانسواءِ خدمتون فراهم نٿو ڪري سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ اھڙن غير قانوني سينٽرز خلاف ايڪشن کنيو ويندو جيڪي مرڪز رجسٽر نه آهن انهن کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو فوري طور تي ڪميشن وٽ رجسٽريشن ڪرائين، ٻي صورت ۾ انهن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن عوام کي صلاح ڏني ته هو پنهنجن پيارن کي ڪنهن به نشي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وارن مرڪز ۾ داخل ڪرائڻ کان اڳ ان ڳالھھ کي يقيني بڻائين ته اهي مرڪز سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ رجسٽرڊ آھن ۽ انھن وٽ صحيح سرٽيفڪيٽ پڻ موجود آھن، ۽ اهو ادارو مستند سائيڪاٽرسٽ ۽ ٻين ضروري عملي جي نگراني هيٺ صاف ۽ صحتمند ماحول ۾ خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي.